فريدآباد: ڪاڇي جي ڳوٺ قادر بخش رند جي رھواسين اسماعيل رند، بخشل رند، طيب رند، علي گوهر رند، ادريس رند، محمد رند ۽ ٻين خالي ٿانو کڻي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڳوٺ ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي اڻھوند سبب ڪيترن ئي ڪلوميٽرن کان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھيون، ڪيترن ئي سالن کان بشارت شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زمين بنجر بڻجي وئي آهي، آبادي نه ٿيڻ سبب لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھيون. ھنن چيو ته ڳوٺ جو رستو ۽ پل نه ھئڻ سبب اچ وڃ لاءِ سخت ڏکياين کي منهن ڏيون ٿا، ڳوٺ جي بجلي 2019ع کان ڪٽيل آهي، چور بجلي جي ٿنڀن مان تارون به لاھي کڻي ويا آهن، پر اختياريون ھر مھيني ھزارين رپين جو بل موڪلي رهيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close