پاڪستانسنڌ

عثمان شاھه ھڙي ۾ ڪارروائي، پاڻي چوري لا لڳايل پائيپ ختم

عثمان شاھه ھڙي: آبپاشي انجنيئر هالا ڊويزن طارق احمد جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او آبپاشي ٽنڊوآدم سب ڊويزن ٽو ارشد وهاب شاھه ٽيم ساڻ ڪري مين روهڙي ڪئنال تي ڪارروائي ڪندي ڀوڦاڙ شاخ ۾ لڳل غير قانوني پائپ لائينن کي شاول مشينن ذريعي ختم ڪري واٽرن کي ڊزائن ڪري ڇڏيو ۽ پاڻي چوري ڪندڙ آبادگارن اڪبر الياس ۽ عاشق حسين سومرو سميت ٻين آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لا عمرساند ۽ اڏيرولال ٿاڻن تي ليٽر جاري ڪيا. ايس ڊي او چيو ته پاڻي چوري بابت شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي آھي، پاڻي چوري ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي. سموري شاخ جو وزٽ ڪيو آھي ۽ پڇڙي جي آبادگارن پاران پڻ شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي ڪارروائي ڪندي پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو ويو آھي. آخري اطلاع موجب عمرساند ۽ اڏيرولا ٿاڻي تي پاڻي چوري جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button