فريدآباد: فريدآباد ويجهو ڪاڇي جي 200 جريب زمين تي ٻن ڌرين عبدالخالق لاشاري ۽ محمد علي کھاوڙ ۾ مالڪي واري مامري تان ڳوٺ ولي محمد رند جي پورھيتن ديري ۾ ڪڻڪ خراب ٿيڻ خلاف نذير احمد رند، غلام نبي تيوڻو، ضمير تيوڻو، نذير تيوڻو، جمعو خان رند، اڪبر رند، سردار رند ۽ ٻين ڪاڇي ۾ پيل پنهنجي ڪڻڪ جي ديرن اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪاڇي ۾ 200 جريب زرعي زمين تي 20 سالن کان اسان ھڪ مڻ جي ڪڻتي تي آباد ڪري رهيا آهيون، پر هن سال محمد علي کھاوڙ ۽ ٻين عبدالخالق لاشاري جي زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن تان بااثر اسان کي 4 مھينن کان ڪڻڪ جي ديري ۾ ٿريشر نٿو ھڻڻ ڏي، ڪڻڪ جون ٻاريون جھنگ ۾ پيل ھجڻ ڪري چوپايو مال ڪڻڪ کائي رھيو آھي ۽ ان سڪي سڙي خراب ٿي رھيو آھي. ھنن لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close