پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ اسپتال ۾ مريض کٽ تي ويهي علاج ڪرائڻ تي مجبور

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ سول اسپتال مريضن لا عذاب بڻجي وئي. سهولتن جي کوٽ سبب مريضن کي اسپتال ٻاهران فرش، کٽ ۽ لوڊر رڪشا تي رکي ڊرپون لڳايون ويون. رپورٽ موجب ٿرپاڪر جي گيٽ وي واري ضلعي عمرڪوٽ جي ھيڊ ڪوارٽر واري سول اسپتال مريضن لا عذاب بڻيل آھي. سول اسپتال ۾ دوائن ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب مريضن کي ڪو رليف نه ملي رهيو آهي. جڏھن ته اسپتال جي سالياني ڪروڙين رپيا بجيٽ ھجڻ جنريٽر نٿو ھلايو وڃي، جنهن دوران گرمي ۾ مريض عورتون، ٻار ۽ سندن وارث آزار ۾ آهن. اسپتال انتظاميا به مريضن کي سهولتن فراهم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. چونڊيل نمائندن به سول اسپتال جي حالت خراب هجڻ جو نوٽيس ناهي ورتو. ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي مريضن چيو ته اسپتال ۾ سھولتون نه ھئڻ برابر آھن، ڪيتريون ئي دوائون خانگي اسٽورن تان وٺڻيون ٿيون پون، اسان ڳريون دوائون ٻاهران نٿا وٺي سگهون. هنن گهر ڪئي ته سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي اسپتال جي حالت بهتر ڪري. ضلعي جي سماجي اڳواڻن ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ته اسپتال ۾ سھولتن سان گڏ صفائي وارو نظام به خراب آهي، اسپتال جي گرائونڊ ۾ گٽر نالي ڀرسان مريض ستل آهن، اسپتال ۾ اسٽريڪچر ۽ بيڊن جي کوٽ سبب مريض کٽ ۽ لوڊر رڪشا تي ويهي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن، جيڪو ظلم آهي، اسپتال جي ٻنهي جنريٽرن جا ڪنيڪشن اسپتال جي ڀرپاسي سرڪاري بنگلن ۾ ڏنل آهن، اسپتال جي ڪروڙين رپيا بجيٽ هڙپ ٿئي پئي. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته سول اسپتال ۾ سھولتون فراھم ڪري مريضن کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button