اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو اجلاس ۾ شرڪت لا دبئي کان نيويارڪ پهچي ويو

اسلام آباد : پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪال فار ايڪشن جي وزارتي اجلاس ۽ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي بحالي-تڪرارن ۽ خوراڪ جي حفاظت تي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ مختتصر دوري لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. هو ڪمرشل فلائيٽ ۾ نيويارڪ پهتو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نائب مستقل نمائندو سفير عامر خان، قونصل جنرل نيويارڪ عائشه علي ۽ اقوام متحده پاڪستان جي مستقل مشن ۽ سفارتخاني جي ٻين آفيسرن ان جي آجيان ڪئي. ان کان اڳ يو اي اي جي صدر شيخ خليفا بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي بلاول ڀٽو دبئي پهچي سندس پونئرن سان ڏک ونڊيو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button