اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي معاملي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزارت جا عملدار، چيف سيڪريٽريز سيڪيورٽي ۽ سي پيڪ جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ به ترت قدم کنيا وڃن. سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش قبول نه آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي ڪووڊ 19ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ طرفان پاڪستان کي ڏني ويندڙ ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني طرفان بيمارين جي تشخيص، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر جي تحت سرمايو لڳائڻ جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي. ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي، وزير صحت ان بابت ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مئنيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعطم کي ڪووڊ 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌي ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي پاڪستان ڪووڊ 19 دوران چيني سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close