ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ صوبدار سرگاڻي ۾ ڪبوترن جي خفتين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي 6 شوقينن حصو ورتو، جڏهن ته پهرين پوزيشن محمد عظيم سرگاڻي ماڻي ورتي، جنهن بعد تقريب رکي وئي. تقريب ۾ سماجي اڳواڻن ۽ شوقينن اسدالله سميجو، رابيل حسين جانوري، ضمير ملاح، ضمير جانوري، اياز جانوري، پريل سولنگي، صداقت حسين جانوري، جاويد علي بروهي، استاد رابيل جانوري ۽ علي بخش جانوري ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪبوترن جو شوق انتهائي پراڻو آهي، اعليٰ نسل ۽ ڪلاباز ڪبوتر پالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جن کي سرهه، ٻاجهري، بادام، پستا ۽ ٻيو کاڌو کارايو ويندو آهي، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، ڀٽ شاهه ۽ ٻين درگاهن ۾ تي به ڪبوتر پاليا ويندا آهن، ڇوته تاريخ ۾ ڪبوترن جي پيغام ۽ وفا طور هڪ وڏي تاريخ رقم ٿيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close