پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ اي سي جا ڇاپا، جعلي بوتلون هٿ، دڪان سيل

فريدآباد: اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ محسن علي شيخ ۽ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد جي عملدار سيد رضا شاھه فريدآباد ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا، جڏهن ته جعلي بوتلون هٿ اچڻ تي اسماعيل خاصخيلي جو دڪان سيل ڪيو ويو، جڏهن ته دڪاندار بشير چانڊيو جي دڪان تي گرم مسالو مدي خارج نڪتو، جنهن تي 2 ھزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته عبدالفتاح گائينچو تي جعلي بوتلون هلائڻ تي ٻه هزار ڏنڊ هنيو. ٻئي طرف سڪندر خاصخيلي جي دڪان تي ڇاپو ھڻي اجينو ھلائڻ تي پاپندي ھنئي وئي، جڏهن ته برني سيل ڪري پاڻ سان کڻي ويا. ان موقعي تي اي سي ميھڙ محسن علي شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جعلي بوتلون هلائيندڙ ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button