ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ حاجي صديق زئور ۾ ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي گھرڀاتين کي يرغمال بڻائي ڌاڙي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران زئور برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن گھر کي چوطرف گھيري ۾ آندو ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد بٺورو پوليس جي ڊي ايس پي سڪندر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او غلام شبير ڌلواڻي ۽ وڏي تعداد ۾ اھلڪار پھتا، گھيري بعد پوليس 8 ھٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي فوري طور تي بٺورو ٿاڻي تي آندو ويو، جتي گھرڌڻي عبدالغني زئور جي فرياد تي 8 جوابدارن ذڪريه چانگ، الطاف خاصخيلي، لياقت جت، گل محمد ملاح، ربڏنو پارھيڙي، امداد چانڊيو، راشد چانڊيو، صدام چانگ تي ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته مذڪوره 8 ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي گھرڀاتين کي يرغمال بنائي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، جنھن بعد سندن ڳوٺاڻن پھچي پوليس جي مدد سان اٺن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف بٺورو پوليس جي ڊي ايس پي سڪندر ڀٽي ۽ ايس ايڇ او غلام شبير ڌلواڻي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي اطلاع تي فوري طور تي ڪارروائي ڪندي واقع واري هنڌ تي پھتاسين ۽ اٺن جوابدارن کي گرفتار ڪري فريادي جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.