پاڪستانخيبرپختونخوا

سپريم ڪورٽ پاڪستان جي اخلاقيات کي ڪِرڻ کان بچايو: عمران خان

ڪوهاٽ: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لوٽن خلاف فيصلي تي سپريم ڪورٽ جا ٿورا مڃون ٿا، سپريم ڪورٽ پاڪستان جي اخلاقيات کي ڪِرڻ کان بچايو، جيڪي ماڻهو ووٽ کپائيندا آهن، اهي پنهنجي ماڻهن، آئين ۽ جمهوريت سان غداري ڪندا آهن، شڪر آ ته سپريم ڪورٽ اڄ انهن جي ووٽ کي رد ڪري ڇڏيو. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ ڪوهاٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو آهي، شهباز شريف ڦاسي ويو آهي، اڳيان سمنڊ ۽ پويان ٽائيگرز آهن. هن چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ جو شوق هو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتون وڌڻ لڳيون آهن، امپورٽڊ حڪومت ڊنل آهي، جتان اهي امپورٽ ٿيا آهن، اتان کان حڪم ٿيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائي وڃي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کان پهرين وڏو ڀاءُ وزيراعظم هو، هن وڏي دير کان ڪرتو سبرايو هيو، شهباز شريف ويچارو بوٽ پالش ڪري هيستائين پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button