پاڪستان

پيٽرول جو اگهه وڌائڻ بنا معيشت ويهجي ويندي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت نه وڌائي وئي ته ملڪي معيشت دم ٽوڙي ويندي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فيصلو ڪرڻ ڏکيو ناهي پر نواز شريف ۽ شهباز شريف کي عوامي ڏک ۽ تڪليف جو اندازو آهي، جن لاءِ اهي فڪرمند آهن. هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت کي وينٽي ليٽر تي ڇڏي ويو آهي، عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ويو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائڻ بنا ملڪي معيشت دم ٽوڙي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button