اسلام آباد : تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته پاڪستان ۾ حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. فيصلا ڪندڙ ڪن کولي ٻڌي ڇڏين، ماڻهو معاف ڪندا آهن پر تاريخ ڪڏهن معاف ناهي ڪندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سازش ۽ ضمير خريد ڪري پاڪستان ۾ حڪومت کي ڪيرايو ويو. معيشت جي اندر غير يقيني واري صورتحال زهر هوندي آهي، ان ڪري بهتري جو رستو اهو ئي آهي ته چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي، جنهن سان سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام ختم ٿي ويندو. هن چيو ته عمران خان خلاف طاقت جي استعمال جون تجويزون ڏنيون پيون وڃن. جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته طاقت سان عوامي ردعمل دٻائي ٿو سگهي ته ان جي غلط فهمي آهي. پاڪستان جي عوام جو فيصلو سڀني کي نظر اچي رهيو آهي. عمران خان ڪنهن سياسي مقصد لاءِ جدوجهد نه پيو ڪري. جيڪڏهن عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته پاڪستان جي حالتن کي ڪير ڪنٽرول نه ڪري سگهندو. سندس چوڻ هو ته فيصلا ڪندڙ ڪن کولي ٻڌي ڇڏين، ماڻهو معاف ڪندا آهن پر تاريخ ڪڏهن معاف ناهي ڪندي. جيڪڏهن توهان ڪا غلطي ڪئي ته پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيندو. جيڪڏهن توهان درست فيصلا نه ڪندئو ته تاريخ توهان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close