پاڪستانپنجاب

مهانگائي جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي: مريم نواز

سرگوڌا: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام لاءِ مهانگائيءَ جو طوفان آڻڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏجي، پاڪستان جي بدقسمتي هئي جو هڪ نااهل ۽ نالائق کي عوام تي مڙهيو ويو، ازل جو ڪوڙو پرڏيهي سازش ۽ پنهنجي قتل جو ڊرامو کڻي آيو. سرگوڌا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان چئن سالن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪيو، هاڻ چئي ٿو ته شهباز شريف پنهنجي چئن هفتن جو حساب ڏئي، چئن سالن ۾ پاڪستان جي تباهي ڪئي وئي، هڪ اناڙي ۽ نااهل کي آڻي 22 ڪروڙ عوام تي مڙهيو ويو. هن چيو ته اڄ معيشت وينٽي ليٽر تي هلي وئي آهي، دهشتگردي وري ڪَر کڻي رهي آهي، عمران خان هڪ فتنو آهي، جنهن جنهن کيس کير پياريو، هن ان کي ئي ڏنگيو، جيستائين عمران خان جهڙو فتنو موجود آهي پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، ان فتني جو ٻيو نالو تباهي آهي، هر شهري، عدليا، فوج ۽ ميڊيا جو فرض آهي ته ان فتني کي روڪي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button