پاڪستانسنڌ

بلدياتي اليڪشن ۾ نوجوان اڳتي اچي، اميدوار بڻجي رھيا آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جيئن سنڌ جا سوين نوجوان، آبادگار، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، پي ايڇ ڊي اسڪالر، بزنس مين، شاگرد ۽ انجنيئر پاڻ مرادو اڳتي اچي، اميدوار بڻجي رھيا آھن، ان ڳالهه سڄي سنڌ جي ساڃاھه کي حيران ڪري ڇڏيو آھي.

اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوانن سان گڏ بھادر ۽ سجاڳ ڀينرون به ناانصافين ۽ ظلمن سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لھي، سڄي سنڌ کي اھو پيغام پيون ڏين ته جڏھن جيجل ماءُ، قومي غيرت ۽ عظيم ڌرتيءَ جا وسيلا خطري ۾ ھجن، گورننس، علم، صحت، روزگار، پاڻي ۽ جياپو تباھه ٿيندا ھجن، ته گھر ويٺي صلاحون ڏيڻ بدران، اجرڪن، پٽڪن، چوٽين ۽ پوتين سان سندرا ٻڌي، مقابلي جو ميدان سينگارڻ، ھزارين سالن کان سنڌين جي قومي روايت رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button