پاڪستانسنڌ

موسمي تبديلين ۽ پاڻي کوٽ سبب ڪپهه جي پيداوار گهٽجي رهي آهي: ٽنڊوڄام ۾ سيمينار

ٽنڊوڄام: سنڌ جي زرعي ماهرن، نجي شعبي ۽ زرعي تدريسي محققن سنڌ ۾ زراعت ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ توجهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمي تبديلين، پاڻي کوٽ ۽ ٻين سبب جي ڪري ڪپهه جي پيداوار گهٽجي رهي آهي، جڏهن ته نج ٻج، جيت مار دوائن جو معيار چيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ۽ سنڌ حڪومت جي زرعي کاتي ۽ اينگرو فرٽيلائيزر لميٽد جي سهڪار سان “ڪپهه جي پيداواري ٽيڪنالوجي جو هڪ ڏهاڙي وارو ميگا سيمينار منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته موجودا موسمي حالتن، پاڻي جي کوٽ سميت ٻين مسئلن کي سامهون رکي ٻج جون نيون جنسون ۽ زرعي پاليسي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ صوبائي زرعي کاتو سهڪار ڪري ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ سنڌ جو زرعي تحقيقاتي ادارو مختلف ٻج جي جنسن، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين شعبن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جديد تحقيق کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي.

زراعت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري قاضي اعجاز مهيسر چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري ڪپهه جي پيداوار ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ به سنڌ جي زراعت تي ناڪاري اثر وڌا آهن، اهو مسئلو ويجهي مستقبل ۾ حل ٿيندي نظر نه ٿو اچي، هن چيو ته مون پنهنجي زرعي توسيع کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڄي صوبي ۾ سوائل جي سروي ڪرائي وڃي ۽ ان جي رپورٽ موجب زرعي پاليسيون جوڙيون وڃن.

سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ سيد محمود نواز شاهه چيو ته ڪپهه جي پوکي واري ايراضي ۾ 8 لک هيڪٽر گهٽتائي آئي آهي، وونئڻن جو بهتر ٻج نه هجڻ ڪري پيداوار گهٽجي چڪي آهي ۽ فصل تي نقصانڪار ڪيڙن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ دوائن جي استعمال ۽ انهن جي معيار کي چڪاس ڪرڻ جو نظام بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪپهه تي گهٽ توجهه سبب پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري تي به هاڃيڪار اثر پيا، آبادگار اڳواڻ سيد نديم شاهه، اينگرو فرٽيلائيزر جي چيف ڪمرشل آفيسر خسرو نادر گيلاني، ايگريڪلچر ايڪسٽيشن جي ڊائريڪٽر جنرل هدايت الله ڇڄڙو، اينگرو فرٽيلائيزرس جي اويس مشتاق پراچا، محمد آصف علي، نويد عالم قريشي، جنيد زبيري، پروفيسر ڊاڪٽر ظهور حسين سومرو، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ڄامڙو، ذوالفقار علي شاهه ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button