پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ راڄ واهه شاخ ۾ وارابندي باوجود پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سامارو: سامارو ۾ راڄ واهه شاخ جي مختلف واٽرڪورسن جي آبادگارن، ڳوٺاڻن ۽ شھرين وارابندي ۾ شيڊيول موجب سامارو شاخ نه کولڻ خلاف ٻئي ڏينھن تي به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، آبادگارن، ڳوٺاڻن ۽ شھرين ظفر پٺاڻ، عبدالستار راھمون، گلاب خان پٺاڻ، مھر علي ھاليپوٽو، غلام حسين ڪالرو، ھاشم خان، غلام محمد ڀنڀرو، سومار لوريئڙ، جمعرات خان، حڪيم خان، نبي بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينھن تي به سامارو پريس اڳيان مين روڊ ميرپور خاص تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ سخت گرمي سبب مسلسل نعريبازي دانھون ڪندي آبادگار گلاب خان پٺاڻ بيھوش ٿي روڊ تي ڪري پيو، جنهن کي ھوش ۾ آندو ويو.

ان موقعي تي مظاھرين چيو ته راڄ واهه عرف سامارو شاخ جي وارابندي جي شيڊيول مطابق 22 ڏينھن گذري ويا آھن پر ان باوجود ايس ڊي او آبپاشي سامارو ۽ انجنيئر مٺڙائو اسان جا پاڻي جا وارا ماري اسان کي اٺاويھون پاڻي ڏئي، اسان جا ڪتي جا پوکي ڪيل فصل ۽ گاهه ڀاڄيون سڪائي ختم ڪري ڇڏيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته سامارو شاخ کي جلد کولي آبپاشي جي راشي عملدارن ۽ عملي کي فوري ھٽائي، پاڻي جي وارابندي ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button