پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ۾ پورهيتن جي ٻن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور جي وارڊ نمبر 4 غريب آباد ڪالوني ۾ مسڪين پورھيت درزي موھن مھيشوري ۽ امريش مھيشوري جي ٻن گھرن کي ٻرندڙ ڏيئي مان رات دير سان اوچتو باھه لڳي وئي، تيز ھوا سبب باھه ڏسندي ئي ڏسندي گھر ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اطلاع تي ڪڙيوگھنور فائربرگيڊ ھڪ ڪلاڪ بعد باھه واري ھنڌ پھچي باھه ضابطو آڻي وڌيڪ گھر سڙڻ کان بچائي ورتا.

باھه متاثر موھن مھيشوري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہه گھرن ۾ پيل سامان ھند، بسترا، ٿانو، قيمتي ڪپڙا، سون، چاندي جا زيور، الماريون، کٽون، روڪ رقم سميت گھر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويا آهن، ھڪ اندازي موجب 8 کان 10 لک روپين جو نقصان ٿيو آھي، ھنن اپيل ڪئي ته سندن واهه ڪئي وڃي، ٻئي طرف باھه متاثر لکيل آسمان ھيٺ ويٺل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button