پاڪستانسنڌ

شيخ ڀرڪيو لڳ پرڻيل عورت جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

شيخ ڀرڪيو: شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ چندو ڪولهي ۾ پرڻيل عورت جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو اهي، خبر موجب شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ڊگھه موري ڀرسان ڳوٺ چندو ڪولهي جي رهواسڻ 25 ورهين جي پرڻيل عورت ماريا زال ڪيول ڪولهي جو لاش سندس گهر ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ بيٺل انب جي وڻ ۾ ٽنگيل مليو آهي.

گهرڀاتين عورت جو لاش ٽنگيل ڏسي شيخ ڀرڪيو پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس بروقت پهچي ٽنگيل لاش کي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاهي پوسٽ مارٽم لا ٽنڊو محمد خان سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، شيخ ڀرڪيو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم لا اسپتال منتقل ڪيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button