پاڪستانسنڌ

حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي مارڻ جي دعوى

حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ حيدرآباد ۾ 5 گهرن مان 105 تولا سون ۽ لکين روپيا ڦر ڪندڙ گينگ جي مک جوابدار کي مارڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي، خبر موجب حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ چيڪ پوسٽ جي حد ۾ پوليس ٻن ڪرولا ڪارن ۾ سوار هٿياربندن سان مقابلي جي دعوى ڪندي هڪ جوابدار مٺو عرف زوار حسين مهر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو. مقابلي وقت پوليس ٻڌايو ته جوابدار ٻن ڪرولا ڪارن ۾ سوار ٿي گلستان سرمست روڊ تي گهر جي ڀرسان ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا ته گرفتاري دوران مقابلو ٿي پيو، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن. پوليس جاري بيان ۾ چيو آهي ته مارجي ويل جوابدار ۽ سندس گينگ جو تعلق پنجاب سان آهي.

جيڪي نئين ماڊل جي گاڏين ۾ عورتن سان گڏجي حيدرآباد ۾ اچي گهرن مان ڌاڙا هڻندا هئا، جوابدار خلاف 18 ڪيس پنجاب جي مختلف شهرن ۽ هڪ ڪيس سکر ۾ داخل هو. حيدرآباد ۾ پڻ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ گهربل هئا، جڏهن ته قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ ڌاڙن جي متاثرن مارجي ويل جوابدار جي ڦورو طور سڃاڻپ ڪئي آهي. حيدرآباد ۾ اپريل ۽ مارچ مهيني ۾ گهرن ۾ وڏا ڌاڙا هنيا ويا. 2 اپريل تي ڪوهسار فيز ۾ محمد وقاص قاضي جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن کي يرغمال بڻائي 85 هزار روڪ، 4 عدد سون جا سيٽ، 12 سون جون منڊيون، 6 سون جون چين سميت 14 تولا سون، هڪ عدد ايل اي ڊي، واچ ڦر ڪر فرار ٿي ويا هئا.

وري 8 مارچ تي جوابدار سميت 5 جوابدارن قاسم آباد جي فيز 1 ۾ پرڪاش جي گهر ۾ داخل ٿي ڏيڊ لک روڪ 64 تولا سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. 13 اپريل جي ساڳين جوابدارن ڪوهسار فيز 2 ۾ محمد نواز کوکر جي گهر ۾ داخل ٿي 2 لک روڪ، هڪ سون جي چين، هڪ عدد لاڪيٽ، 4 سون جون واليون، 4 سون جون چوڙين سميت 6 تولا سون، 2عدد ايل اي ڊي، ۽ بيٽري ڦر ڪري فرار ٿي ويا. 24 اپريل تي ڪرولا ڪار ۾ سوار ٿي نسيم نگر ٿاڻي جي حد جي علائقي فيز 2 ۾ 20 هزار روڪ 6 عدد چوڙيون، 6 والين سميت 21 تولا سون هڪ عدد ايل اي ڊي ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، 14 اپريل تي جوابدارن گلستان نور محمد ۾ ڪرولا ڪار ۾ سوار ساڳين جوابدارن وقاص علي راهو جي گهر ۾ داخل ٿي سون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. ڄاڻايل وارداتن جو ڪيس داخل ڪري پوليس ڪار جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ هٿ ڪيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button