پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ شهر جي ماڇي پاڙي ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، شھر جي ماڇي پاڙي ۾ مال جي واڙي تي ويٺل 40 ورهين جي نوجوان محمد حنيف پٽ صديق درس کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو مڙھه سول اسپتال پھچايو ويو، جتي ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، ايس ايڇ او سٽي عطا لغاري ۽ مقتول جا وارث اسپتال پھچي ويا.

سول اسپتال انتظاميا مقتول جو مڙهه پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جا اٽالا سرزمين تي پهچي ويا ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي، مختلف ڳوٺن ۾ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا ڇاپا به هنيا. نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب فوتي نوجوان مال جي واڙي تي رهندو هو ٻه شاديون ٿيل هيون، ٻه ٻار آهن، نوجوان جي اوچتي موت جي خبر پوڻ تي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائينجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button