ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل 7 ڄڻن جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف زخمين جي وارثن حسين بخش سولنگي، نظير سولنگي، زاھد سولنگي، سڪندر علي سولنگي، وحيد سولنگي، صدام سولنگي ۽ ٻين چيو ته مخالف ڌر اڳرائي ڪري جهيڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ۽ ٻن جي حالت نازڪ آهي، جنهن بعد مخالف ڌر ميڙ وٺي پهتي ته اسان معاف ڪري ڇڏيو، پر پو اسان خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، زخمي به اسان جا ماڻهو ٿيا ۽ ڪيس به اسان خلاف داخل ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close