پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ گهر تي چڙهائي ۽ وڪيل کي کنڀڻ خلاف مظاهرو

راڌڻ: راڌڻ ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين جي گهر مٿان پوليس چڙھائي ڪري سندس پٽ وڪيل کي کنڀڻ خلاف مشتاق جانوري، اڳوڻي وائيس چيئرمين صدام اڪبر جانوري ۽ دڪاندار اڳواڻ ارشاد جانوري، لياقت جانوري ۽ نادر سولنگي جي اڳواڻي ۾ دادو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مشتاق جانوري چيو ته سردار الطاف علي جانوري ۽ سردار منظور علي جانوري ٽائون ڪاميٽي جا چئيرمين رهي چڪا آھن، دهشتگرد ناهيون جو پوليس ڌاڙيل وانگر گهر ۾ گهڙي منهنجي ڀا وڪيل امتياز جانوري کي کنڀي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، اهڙو ورتا ڪنهن ڏوهاري سان به نه ڪيو ويندو آهي. هنن ايس ايس پي دادو کان جاچ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button