ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ ۽ لسوا جي جنرل سيڪريٽري مخدوم اشفاق لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي 125 ملازمن ۾ پڪا آرڊر ورهايا، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا. لمس جي ڪوڊ بڪ مطابق انٽرويو ٿيڻ کانپوءِ لمس جي 125 ملازمن کي ريگيولر ڪيو ويو آهي. مئنيجمينٽ ڪميٽي فار ريگيولرائيزيشن جي سفارش کان پوءِ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄن ريگيولر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن بعد لمس جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ ۽ لسوا جي اڳواڻن پاران ملازمن ۾ آرڊر ورهايا ويا. ان موقعي تي لسوا اڳواڻ واجد خاصخيلي، اختر قريشي، اشفاق راڄپر، انور سولنگي، نياز چانڊيو، اعجاز برفت ۽ نظير نوحاڻي سميت ٻيا موجود ھئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close