پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ماتلي ۾ جسقم جي ريلي

ماتلي: بدين ضلعي جي سمورن تعلقن سميت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ جسقم اڳواڻ اسماعيل نوتڪاڻي ۽ محفوظ نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾ ايس يو پي، ماتلي اتحاد ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي ضلعي بدين سميت سڄي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پنجاب سنڌو درياهه تي ناجائز ڊئم ٺاهيا آهن، اهي فوري طور تي بند ڪيا وڃن. پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، حڪمرانن جو اهو ئي منصوبو آهي ته زراعت کي تباهه ڪجي ته جيئن سنڌي ماڻهو ڪنگال ٿين. سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ سنڌو جي پاڻي لا جدوجهد ڪري سوڀارا ٿيندا. مظاهري کي ايس يو پي اڳواڻ ارسلان خاصخيلي، ماتلي اتحاد جي ممتاز زئور، جسقم جي اسماعيل ناز نوتڪاڻي، محفوظ نوتڪاڻي، اياز سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button