ٽنڊوالهيار/ٽنڊوڄام: ٽنڊوالهيار ۾ مبينا ڦر دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. وارثن نوجوان جو لاش رکي مظاهرو ڪيو ۽ انصاف جي گهر ڪئي. پوليس مارجي ويل نوجوان تي ڦر ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار جي حيدرآباد روڊ عباس ڀائي ٽائون وٽ قائم المدينه مارٽ جي مالڪ زبير کتري ۽ ملازم شمس هاليپوٽو پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ هنن موقف اختيار ڪيو ته اسان جو مارٽ رات جو دير تائين کليل هوندو آهي، رات دير سان ٽي نامعلوم هٿياربند جيڪي موٽرسائيڪل تي سوار هئا، اهي المدينه مارٽ ۾ داخل ٿيا، جن هٿيارن جي زور تي مارٽ مان ڦر ڪئي ۽ فائرنگ ڪئي، اسان به پنهنجي بچاء ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ڦورو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو، سندس ٻيو ساٿي زخمي ٿيو، ساڻن گڏ آيل ٽيون ڦورو فرار ٿي ويو. اطلاع بعد پوليس پهچي مارجي ويل مبينا ڦورو جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال آندو. جتي پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل مبينا ڦورو جي سڃاڻپ حيدر ولد اعجاز شيخ ۽ زخمي جي ڪامران ولد رسول بخش طور ٿي آهي، جيڪي ٻئي ٽنڊوڄام جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي سي آئي اي ڊي ايس پي عثمان لغاري ٻڌايو ته اسان زخمي ڦورو جيڪو فرار ٿي ويو هو ان کي به اسان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جنهن کي علاج لا سول اسپتال کان حيدرآباد نيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته مارجي ويل مبينا ڦورو حيدر شيخ جي وارثن اي سيڪشن ٿاڻي آڏو لاش رکي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي نوجوان تي جهيڙي جي اين سي ڪٿي به داخل نه آهي، اهي ڦر ڪئين ٿا ڪري سگهن، اسان کي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏيکاريا وڃن، اسان جي نوجوان کي بيگناهه ماريو ويو آهي. واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ٽنڊوالھيار جي هڪ مارٽ ۾ ڦورو ڄاڻائي گارڊن جي فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل ٽنڊوڄام جي رھواسي 15 سالن جي نينگر حيدر شيخ جي وارثن ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي روڊ جو ھڪ پاسو بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج دوران مظاهرين نعريبازي ڪندا رھيا. ان موقعي تي مارجي ويل نينگر جي والد امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي 15 سالن جي معصوم پٽ کي بيگناهه قتل ڪري ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو آھي. اصل حقيقت کي لڪايو پيو وڃي، پٽ کي قتل ڪري ڪوڙو بھتان مڙھي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي. ھن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حيدر شيخ جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي اصل حقيقتون سامھون آنديون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close