اسلام آباد: وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ توانائي به عالمي معيار مطابق ماحول دوست نه آهي. 2030 تائين اسان کي پنهنجي توانائي جي پيداوار جو 60 سيڪڙو ماحول دوست توانائي طرف وٺي وڃڻو پوندو. پاڪستان ڪلين گرين پروگرام تحت توانائي وزارت، پيٽروليم ۽ انڊسٽري جون وزارتون پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪنديون. جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير ٻڌيو ته ٿرمل پاور جنريشن کي سستي توانائي جو حصول چيو وڃي ٿو. اسان هن وقت ملڪ ۾ 70 سيڪڙو بجلي ٻاهران گهرايل ٻارڻ ۽ 30 سيڪرو مقامي ٻارڻ سان پيدا ڪري رهيا آهيون. عالمي ماحولياتي معيار مطابق ملڪ ۾ 32 سيڪڙو پيدا ٿيندڙ توانائي ماحول دوست جڏهن ته 68 سيڪڙو توانائي ماحول دوست نه آهي ڪوئلي جي 11 پاور پلانٽس مان 6 پاور پلانٽس هن وقت فنڪشنل آهن ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ توانائي جي عالمي معيار مطابق ماحول دوست نه آهي. وفاقي وزير جي درخواست تي ڊپٽي اسپيڪر معاملو لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close