حیيدرآباد: سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ 21 مئي تي سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ڪيا ويندا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. ڏورانهن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن جي اڃ وگهي مرڻ جا اطلاع آهن. پاڻي کوٽ جون ذميوار وفاقي ۽ سنڌ حڪومت آهن. هاڻي ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جو پيئڻ جو پاڻي به بند ڪيو پيو وڃي.
واپڊا ۽ ارسا جي زيادتين سبب فصل تباھه ٿي رهيا آهن. پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ ٻنون پاران سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ خلاف ڊڀو موري اسٽاپ تي قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري زين سومرو، ٻنون جي صدر نظام پليجو، واحد پليجو، جواد سومرو، زاھد ڌماچ، بابن شورو، مھتاب سومرو ۽ شھباز سمون جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.