پاڪستان

وزيراعظم سان آصف زرداري جي ملاقات، سياسي معاملن تي ڳالهيون

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ليگي وفد ۾ راڻا ثناءالله، اياز صادق، مفتاح اسماعيل، احسن اقبال سميت اهم اڳواڻ موجود هئا، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان سليم مانڊوي والا، جلال فاروق، جميل احمد ۽ لياقت علي شامل هئا. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دير تائين جاري رهي، جنهن ته وزيراعظم 24 ڪلاڪن ۾ آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ گڏيل حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندڙ چئلينجن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ملڪي معيشت بهتر بڻائڻ، بجيٽ جي تياري، آءِ ايم ايف سان ڳالهين، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۽ گرينڊ نيشنل ڊائلاگ جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وزيراعظم طرفان ايندڙ هفتي ۾ اهم ترين مشاورت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قومي سلامتي ڪميٽي، گرينڊ ڊائلاگ جي تجويز تي حڪومت سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي امڪاني لانگ مارچ ۽ ان جي اثرن جو جائزو به ورتو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال تي به مشاورت ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏيڻ تي تجويز تي به غور ڪري رهيو آهي، سڀني معاملن تي ايندڙ هفتي حتمي مشاورت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button