پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ بدامني ختم نه ٿي، هڪ ڏينهن اندر 2 گهرن مان لکن جا ڌاڙا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بدامني ختم نه ٿي، ٻن گهرن مان لکين روپيا جا ڌاڙا هنيا ويا. شهري کان لکين روپين جي ماليت جي ڪئميرا ڦر ڪئي وئي. خبر موجب حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جي علائقي هيرآباد ۾ واپاري عبدالعزيز جي گهر ۾ هٿياربند داخل ٿي 22 تولا سون، 15 لک روپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. قاسم آباد جي نسيم نگر مان نجي ڪئميرامين کان هٿياربند لکين روپين جي ماليت جي ڪئميرا ۽ لينس ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند هڪ گهر ۾ داخل ٿي 10 تولا سون، ايل اي ڊي ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، حيدرآباد ۾ پوليس 2 ڏينهن اڳ گهرن ۾ ڌاڙا هڻندڙ گينگ جي مک جوابدار کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو هو. ان باوجود حيدرآباد ٻيهر ڌاڙن ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button