پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ درياھه تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف ڪيو اي ٽي جا مظاهرا

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ۽ سنڌو درياھه تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، عزرا رند، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر سجاد بروھي، فدا محمداڻي، سرمد جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ تي يوسف لاشاري، باغي مصطفى سمون، ڊاڪٽر لالچند ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. نندو ۾ محمد حسين درس، ڀيمون سولنڪي، گل محمد ملاح، عبدالرسول ملاح، علي رضا ڇلگري ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ڄامشورو ۾ ستار لھر، مقصود جھتيال، ايڊووڪيٽ غزير ڪنڀر، مختيار علي لھر ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، مٺي ۾ نيشنل بئنڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، شاهنواز هنڱورجو، دانش پرمار ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي.

شھدادپور ۾ ڊاڪٽر آتم ڀيل، محمود رخشاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ ضمير مغيري، حفيظ تونيو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. دادو ۾ فياض چانڊيو، ساجد علي سوڍر، ديدار کوسو، افضل بروهي، خادم سولنگي، نديم ڀنڊ ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ڏھرڪي ۾ عوامي هوٽل کان جامع مسجد تائين ريلي ڪڍي وئي. تراب خان شر، محبت علي سميجو، ارشد سنڌي عبدالحسين شر ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. وارھه ۾ ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، ديدار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڊگھڙي ۾ محمدي چوڪ تي شوڪت نوحاڻي، عبدالمجيد ٻگهيو، ارباب نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٿاڻو بولا خان ۾ مٺل گبول، لياقت گبول جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ عبدالستار لھر، زاڪر گرگيز، مقصود جھتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻيلو شهر ۾ جبار ٻجورو، مشتاق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻنون ۾ زين سومرو، نظام پليجو، جواد سومرو بابن شورو، واحد پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. بٺورو ۾ يوسف ڪنڀار، پنھل سولنگي، الھڏنو ڀرڳڙي، غلام رسول سولنگي، علي رضا خاصخيلي، امير بخش ملاح، سجاد ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. خانپور ۾ ظفر علي چنا، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڏيپلو ۾ زاهد گل، عبدالقادر، گلزار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 85 سيڪڙو پيدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي صورتحال ڳنڀير بڻجي وئي آهي. زرعي پاڻي پري جي ڳالھه، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم نه پيو ٿئي، جانور اڃ وگهي مري رهيا آهن، زمينون ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويون آھن. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ تيزي سان وڌي زير زمين ڄامشورو تائين پهچي ويو آهي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آهي. سنڌ سان پاڻي معاملي تي مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آهن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پارليامينٽ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button