پاڪستانسنڌ

هالا ۾ غيرآئيني ۽ شاگرد دشمن پاليسين خلاف مظاھرو

ھالا: ھالا پريس ڪلب اڳيان ڪالهه ھالا شھر ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پاران حڪومت پاران لاڳو ڪيل غيرآئيني ۽ شاگرد دشمن پاليسين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قوي مھتاب،آصف مقيط، راحيل، تقي رضا، انعام ميمڻ، زبير آزاد، منير حسين ۽ نوجوان ليکڪ عزمي رشيد مطالبو ڪيو ته شاگردن کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکڻ ناانصافي آھي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

ڪاليج ۽ اسڪول جي شاگردن جي حيدرآباد بورڊ پاران مقرر ڪيل امتحاني فيس مڪمل غيرآئيني آھي، جيڪا مڪمل طور تي ختم ڪري ۽ شاگردن کي سندن مارڪشيٽس ڪاليجن ۾ مفت مُھيا ڪيون وڃن. شاگردن اھو پڻ چيو ته جيڪڏھن اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان پنھنجي پرامن احتجاج جو رخ روڊن ۽ بورڊز ڏانھن ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button