پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ مختلف ڌرين جي اڳوڻي چيئرمين جي حمايت جو اعلان

راڌڻ: راڌڻ لڳ يوسي سيھڙ جي جوڻيجا محلي ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جوڻيجا هائوس تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي چيئرمين محمد اسماعيل چانڊيو جي يوسي سيھڙ جي چيئرمين شپ لا مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو. گڏجاڻي کي ڊاڪٽر فياض احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر منظور احمد ڪانڌڙو، منظور علي چانڊيو ۽ ربنواز چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته حاجي محمد اسماعيل چانڊيو جون پيپلز پارٽي جي لا لازوال قربانيون آهن، هن کي پ پ ٽڪيٽ ڏني وڃي. اسماعيل چانڊيو اميد آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ميرٽ ۽ اڪثريت ڏسي ڪري مون کي يوسي سيھڙ لا چيئرمين شپ ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button