پاڪستانپنجاب

عمران خان آئين کي چيڀاٽيو پر اڃا تائين لاڏلو آهي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن آئين کي لتاڙيو، ادارن خلاف ڪريل مهم هلائي پر عمران خان اڄ به لاڏلو آهي. جاتي امرا ۾ پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان اڃا تائين لاڏلو آهي، نواز شريف هن سسٽم جو لاڏلو ناهي پر عوام جو لاڏلو ضرور آهي، جنهن کي هي هر هر ڪڍن ٿا پر عوام ان کي هر هر آڻي ٿو، عمران خان آئين کي ٽوڙيو نه پر چيڀاٽيو ۽ لتاڙيو آهي، جيڪڏهن اها حرڪت نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز ڪئي هجي ها ته دعويٰ سان چوان ٿي ته اسان جا لاش چوڪن تي ٽنگيل هجن ها. هن چيو ته عمران خان جي ڌي جي عمر جي آهيان، هو منهنجي پي جي عمر جو آهي، هن مون تي حملو نه ڪيو، هن پاڪستان ۽ پنجاب جي ڀينرن، ڌيئرن ۽ مائرن تي حملو ڪيو آهي، ان جي بيان تي مون کي ڪا حيرت نه ٿي، سٺي اخلاق جي ننڍي انسان کان توقع نٿي رکي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button