پاڪستانسنڌ

ارسا ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن:سنڌ حڪومت

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاڻي جي شديد کوٽ سبب خريف دوران فصل گھٽ ٿيڻ ۽ مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو. وزيراعلى سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ارسا سنڌ کي حصي جو پاڻي فراھم نه ڪيو ته صوبي ۾ فصل گھٽ ٿيڻ جي صورت ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي سگھي ٿي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي ۾ 75 سيڪڙو تائين پھچي چڪي آھي. منظور وساڻ ارسا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سنڌ کي حصي جو زرعي پاڻي مليو ڪڏھن آھي جو ارسا احتياط سان استعمال ڪرڻ جا مشورو ڏئي رھيو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري پئي اڏامي. ارسا ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن، سنڌ جي آبادگارن جا فصل سڙي رھيا آھن. بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي ماڻھن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناھي. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ ھو ته خريف سيزن شروع ٿي چڪي آھي، پر پاڻي نه ملڻ سبب اڃا تائين سنڌ ۾ چانورن جو فصل ناھي پوکجي سگھيو، پھريان ئي پاڻي نه ھجڻ سبب لوئر ۽ اپر سنڌ ۾ ڪپھه جو فصل وڏي تعداد ۾ متاثر ٿيو آھي، ڪپھه جو فصل گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو گھٽ ٿيڻ جو خدشو آھي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪپھه ۽ ڪمند جو فصل به ناھي پوکجي سگھيو، عمران حڪومت ۾ پنجاب ارسا جي مدد سان سنڌ جي حصي جو وڏي مقدار ۾ پاڻي چوري ڪيو، ارسا پاران چشما جھلم ۽ تونسا لنڪ ڪئنالن تي پاڻي جا وھڪرا نه روڪيا ته ترڀيلا ڊيم ڪجھه ڏينھن ۾ خالي ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button