پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ زميندار پاران هاري جي ڌي سان مبينا زيادتي جو انڪشاف

سامارو: سامارو ڀرسان ھاري جي ڌي سان زميندار ڳچ عرصي تائين مبينا جنسي زيادتي ڪئي ۽ 3 ڀيرا حمل ڪيرايو. متاثر ڇوڪري ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ عدالت ۾ زميندار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لا درخواست ڏئي ڇڏي. ايس ايس پي عمرڪوٽ الزام ھيٺ آيل زميندار، متاثر ڇوڪري ۽ سندس وارثن کي 25 مئي تي ايس ايس پي آفيس طلب ڪري ورتو. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سامارو تعلقي جي يوسي پڌريو فارم جي ديهھ اي 327 جي ڳوٺ ڏانو مالھي ۾ زميندار پنهنجي ھاري جي ڌي سان ڳچ عرصي تان مبينا جنسي زيادتي ڪئي ۽ ٽي ڀيرا ڇوڪري ڳورھاري پڻ ٿي، پر سندس ٽئي ڀيرا حمل ڪيرايو ويو، جنهن سبب جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيل ڇوڪري رت جي کوٽ واري بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو. هوڏانهن متاثر ڇوڪري زميندار خلاف ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لا درخواست ڏئي ڇڏي آھي. ايس ايس پي آفيس جي ڪمپلين سينٽر تان سامارو ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين کي پابند ڪري 25 مئي تي طلب ڪرڻ جو نوٽيس پڻ پھتو آھي. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل زميندار پارار متاثر ڇوڪري جي وارثن سان معاملو دٻائڻ لا ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. صحافي متاثر ڇوڪري کان موقف وٺڻ لا ڳوٺ پھتا ته ھاري جو گھر خالي هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button