پشاور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪي خودمختياري لاءِ جيترو وقت به اسلام آباد ۾ رهڻو پوندو رهنداسين، اسان جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون فوج کي چوان ٿو ته اها نيوٽرل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ڪئي، اها سازش منهنجي خلاف نه سڄي پاڪستان خلاف ڪئي وئي، اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سازش ڪامياب نه ٿئي پر بدقسمتي سان اسان ان سازش کي نه روڪي سگهياسين. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ اسان کي ملڪ ڏيوالي جي حالت ۾ مليو، اسان چئن سالن ۾ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي حڪومت ان وقت ڪيرائي وئي، جڏهن ملڪ ترقي ڪرڻ لڳو هو، 8 مهينا اڳ حڪومت جي تبديلي لاءِ آمريڪا ڪرپٽ ترين ماڻهن کي پاڻ سان ملايو، نئين حڪومت جي ماڻهن جو تجربو رڳو ڪرپشن ڪرڻ، ڪيس ختم ڪرڻ ۽ پلاند وٺڻ ۾ آهي، هن وٽ نه منصوبو آهي ۽ نه فيصلو ڪرڻ جي سگهه.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close