بهاوالپور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءِالله خبردار ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 70 روپين جو اضافو ٿيندو، اسان چونڊن طرف وڃڻ چاهيون ٿا پر اتحادي پارٽين جو فيصلو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته نااهل ٽولي ملڪ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته ماڻهن جا مسئلا وڌي ويندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ عدالت رات 12 وڳي کلي وئي. ڪاش! اسان جي لاءِ ڏينهن جو 12 وڳي به عدالت کلي ها.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close