پاڪستانسنڌ

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ خلاف عوامي تحريڪ جا احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي عوامي تحريڪ ضلعي بدين طرفان گولاڙچي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، جاکرو نوحاڻي، ضلعي بدين جي صدر مير بشير ٽالپر، تعلقي گولاڙچي جي صدر ڌڻي بخش نوحاڻي، خليل درس، محمد موسا درس، هميرو مل، ساجد علي نوحاڻي، دلدار نوحاڻي، جميل ملاح، گلزار نوحاڻي، فاضل درس، آبادگار اڳواڻ ارشد آرائين، عبدالرزاق آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سي اين جي پمپ کان ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبداللہ ٻپڙ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پرھه سومرو، رستم ميراڻي، ساک سنڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وارهه ۾ عوامي تحريڪ ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي صدر عرفان منان، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، محبوب رڪ راهوجو، مرڪ منان، جاويد چنه، ساگر مشتاق، ڊاڪٽر نوريز چانڊيو، وحيد چانڊيو، سهراب چانڊيو، وڪيل اياز کهاوڙ، هاشم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبداللہ مڱڻهار، عبدالرمن سمون، سورٺ مڱڻهار، عصمت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيرز پريس ڪلب اڳيان سرور سنڌي، لطيف ڀٽي، خالد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تنگواڻي ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور جي صدر صدام، منظور، گل حسن ايڊووڪيٽ، آصف اصغر ملڪ، الله بخش نندواڻي، صالح کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تنگواڻي شاخ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شاھپورچاڪر ۾ دادالرحمان مين بس اسٽينڊ کان پريس ڪلب تائين ستار رند، راڻو ڪنڊاڻي، علي نواز ڏاھري، يوسف ڏاھري، منير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نئون ڪوٽ پريس ڪلب آڏو عوامي تحريڪ اڳواڻ محب ڀيل، ممتاز جوڻيجو، رحمان نهڙي ۽ ممتاز اوٺي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مورو ۾ دادو-مورو پل تي عوامي تحريڪ جي ساٿين ايڊووڪيٽ سليم رضا ڀنگر، محمد علي شاھه، اسماعيل عالماڻي، محبوب عالماڻي، صدام حسين ڪلھوڙو، جاويد علي عالماڻي، ڪامريڊ فريد سولنگي، عتيق ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ننگرپارڪر ۾ کيئراج ڪولهي، پياسي ميگهواڙ، عالم پاتاڻي، ڏاهو ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو جان محمد ۾ برجانند شرما ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن چيو ته پوري دنيا ۾ ڊيلٽا کي زنده جيوت قرار ڏئي ڊيلٽا جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي پر بدقسمتي سان انڊس ڊيلٽا کي تباهه ۽ برباد ڪري ماحولياتي تبديلي آڻي جنت جهڙي سنڌ کي دوزخ بڻايو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ پنجاب جي داداگيري تي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي خاموشي ان ڳالھه جي ثابتي آهي ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ الڪيشن کٽڻ خاطر سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button