ٺٽو: سنڌو درياءُ تي ڊيم ٺاھي سنڌ سڪائڻ، سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙي، سنڌو درياءُ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ورڪرز يونين، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ ٻين تنظيمن پاران سامونڊي پٽي جي کاروڇاڻ کان ڪراچي لاءِ نڪتل رڪشا مارچ ميرپورساڪرو پهتو. مارچ ۾ شامل اڳواڻن سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڊيم ٺاھڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور جهڙي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڪامريڊ ناصر منصور، قاضي خضر ۽ سينيئر صحافي علي رضا وڻجارو جي اڳواڻي ۾ نڪتل رڪشا مارچ گهارو، مارڪيٽ، ڌاٻيجي، گھگھر ڦاٽڪ، گلشن حديد کان ٿيندو اڄ شام جو ملير پريس ڪلب پهچندو.
جڏهن ته ميرپورساڪرو ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌو درياءُ سڪي ٺوٺ بڻجي ويو آھي، تھذيبن کي جنم ڏيندڙ سنڌو درياءُ مان اڄ واري اڏامي رھي آھي ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي عدم دستيابي سبب ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽيِ ۾ سمنڊ جون تباھڪاريون تيزي سان وڌي رھيون آھن. هنن چيو ته پاڻي جي شديد بحران خلاف سامونڊي پٽي کان تحريڪ جو آغاز ڪيو آھي. جيڪڏھن درياءُ بحال نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.