پاڪستانسنڌ

نندو لڳ گيسٽرو ڦهلجي وئي، عورت ۽ ٻارڙي فوت، 60 کان مٿي مريض اسپتال داخل

نندو: نندو لڳ جر جو پاڻي واپرائڻ سان گيسٽرو ڦهلجي ويئي، هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 60 کان وڌيڪ مريض بيماري سبب مختلف اسپتالن ۾ داخل، ڊي ايڇ او بدين ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ٽيم موڪلي ڇڏي، خبر موجب نندو لڳ ڳوٺ صوبو ڪولهي ۾ جر جو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو ڦهلجڻ جي ڪري هڪ عورت 50 ورهين جي سيمي زال مصري خاصخيلي ۽ 5 ورهين جي نينگري سونيا ڪولهي فوت ٿي ويئي آهي، جڏهن ته 60 کان مٿي مرد ۽ ٻار برمي ڪولهي، لڇمي ڪولهي، هيرو ڪولهي، ڀيمراج ڪولهي، ٿانور ڪولهي، مڪيش ڪولهي، آمنا خاصخيلي، فاطمه خاصخيلي، ذويا خاصخيلي، رابعا خاصخيلي، راحيلا، حنا خاصخيلي، سومري ڪولهي، راڻي، موهن ڪولهي، گيتا ڪولهي ۽ ٻيا گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا، جن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر، انڊس اسپتال بدين ۽ مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج لا داخل ڪرايو ويو آهي.

هوڏانهن ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر شير نهڙيو ڳوٺ صوبو ڪولهي ۾ گيسٽرو جو اطلاع ملڻ سان ئي ميڊيڪل ٽيم موڪلي متاثر مريضن جو علاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز جي حڪم تي ڳوٺ ۾ لڳل 5 هينڊپمپ نلڪن جي پاڻي جا سيمپل پڻ ڪڍي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، انهي سلسلي ۾ ڳوٿاڻن ٿانور ڪولهي، مڪيش ڪولهي، مصري خاصخيلي ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب جر جو پاڻي واپرائڻ سبب اوچتو گيسٽرو ڦهلجي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا مرض ۾ وٺجي ويا آهن، هوڏانهن ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر شير نهڙيو “سنڌ ايڪسپريس” سان رابطي تي ٻڌايو ته جيئن مون کي خبر پئي مون فورن ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ موڪلي آهي، جتي مريضن جو علاج بهتر نموني هلي رهيو آھي، ڳوٺاڻن کي جر جو پاڻي پيئڻ کان منع ڪندي کين منرل واٽر پڻ مهيا ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button