ملير: ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن جي 10 ھين ورسي ملھائي وئي. ان کان اڳ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪارڪنن سان گڏجي شھيد غزالا بتول صديقي جي مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي سلام پيش ڪيو. جنھن کانپو پپري جي فٽبال گرائونڊ ۾ جلسي عام ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جڏھن ته جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، فياض اتيرو، لياقت جھتيال، حاجن جوڳي، ڪاشف خاصخيلي، سينگار بليدي، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، ناھيد جوڳي، شيربانو راھوجو، راحيلا لاڙڪ، لايئر فورم جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو، ايڊووڪيٽ اختيار چنا، نصرالله کوسو، سلامت گاڏھي، شاھنواز ڀنڊ معروف خاصخيلي، منور برھماڻي ۽ حسين سنڌي ۽ شريڪ ٿيا.
جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن. محبت سنڌ ريلي ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ انھي لاش کي وري زنده ڪري رھيون آھن. عمران خان دھشتگردن کي نفيس ماڻھو ڊڪليئر ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف لکين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن مارچ ڪيو ته عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو.
اياز لطيف پليجي چيو ته جن دھشتگردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ وڙھايو بيگناھه ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشتگردن جو سربراھه تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھي، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن. سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ به پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ به ڀائر آھن، انھن کي ڪير به الڳ نٿو ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ مڊل ڪلاس ۽ نوجوانن کي ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. ھن چيو ته ڊالر جي اُڏام ۽ مهانگائي عوام جي چيلھه ڀڃي ڇڏي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته چونڊن کان اڳ پارليامينٽ ۽ عدالتن کي ترقي ۽ شفافيت جي لا روڊ ميپ ڏيڻو پوندو. ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. سنڌ کي ظالمن وڏيرن، دهشتگردن ۽ ڪرپٽ وزيرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي. پاڪستان جي مسئلن جو حل هڪ منصفانه، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه تي ڪوبه ڊيم، ڪئنال يا ڪٽ سنڌ کي ۽ قومي عوامي تحريڪ کي قبول ناهي. پاڻي جي وزارت پيپلزپارٽي کي ملڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڏڪار آھي.
ماڻھو پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌوءَ تي ڊيم ٺاھڻ سان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ سنڌي قوم جي معاشي تباھي سان گڏ سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته حصي جو پاڻي نه ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. جلسي کي مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، فياض اتيرو، لياقت جھتيال، ڪاشف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، ناھيد جوڳي ۽ راحيلا لاڙڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو.