گوانگزو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني هم منصب سان ملاقات دوران ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ واري واقعي جي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به پاڪستان چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. رپورٽ مطابق چين جي شهر گوانگزو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – چين لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي ڏوهي چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪريون ٿا، چيني شهرين تي حملو ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهيا آهيون، خاطري ٿا ڪرايون ته چيني شهرين تي حملو ڪندڙن کي جلد انجام تي پهچائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير طور چين جي پهرئين دوري تي ڏاڍو خوش آهيان، شاندار ميزباني تي چين جا ٿورا مڃان ٿو، منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي 71 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي اهميت جوڳو آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيني پرڏيهي وزير پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي چين جي دوري جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، دوري ۾ چين ۾ پاڪستاني شاگردن جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويو، پاڪ چين سڌيون اڏامون جلد شروع ڪيون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close