سنڌڙي: سنڌڙي ويجھو شارٽ سرڪٽ سبب باهھ لڳي وئي، جنهن سبب 35 گھر سڙي رک ٿي ويا. رپورٽ موجب سنڌڙي جي ڳوٺ پير بخش جروار ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهھ لڳڻ سبب 35 گھر سڙي رک ٿي ويا. گھرن ۾ پيل ڪيترو ئي قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن ۾ نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، ڪڻڪ، ڪپڙا، ٿانو ۽ ٻيو سامان شامل آهي، باھه لڳڻ جي 2 ڪلاڪن بعد ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جي فائر برگيڊ گاڏي پھتي ته پائپ خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي واپس رواني ٿي وئي، جنھن بعد باھه تي ضابطو نه اچي سگھيو. مسلسل 4 ڪلاڪن تائين باھه هلندي رهي، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ باھ وسائيندا رهيا، پر باهھ وسامي نه سگھي، جنھن بعد سنڌڙي ايئر بيس ۽ ميرپورخاص کان فائر برگيڊ گاڏيون گھرايون ويون، جن 5 ڪلاڪن جي جدوجھد کانپو باھ تي ضابطو آندو، جنھن بعد متاثرن وٽ پاڪستان تحريڪ انصاف ميرپورخاص ضلعي جو صدر آفتاب قريشي، رينجرس جا جوان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي جھامن داس پھچي نقصان جا تفصيل ورتا. نقصان جو ڪاٿو 80 لک کان وڌيڪ ٻڌايو ويو، هڪ عورت باھه سبب ساھه ٻوساٽجڻ سبب بيھوش ٿي وئي، جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن گهر سڙڻ بعد متاثر ماڻهو ٻارن ۽ عورتن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به مدد نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close