پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لا همراهه جو احتجاج

راڌڻ: راڌڻ ۾ 28 مھينا اڳ قتل ڪيل پوليس اھلڪار نديم لاشاري جي والد رٽائٔرڊ پرائٔمري استاد منٺار لاشاري مقتول نديم لاشاري جي معصوم ٻارن سان گڏ مقتول پٽ نديم لاشاري جون تصويرون کڻي راڌڻ ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري احتجاج ڪيو. هن چيو ته 28 مهينا اڳ منهنجي پٽ پوليس اهلڪار نديم لاشاري کي جوابدارن بيدردي سان قتل ڪيو، اڄ به جوابدار پوليس سرپرستي ۾ ھٿيار کڻي گهمي رهيا آھن ۽ راڄوڻي فيصلي لا ڪيس تان هٿ کڻڻ لا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. راڌڻ ۽ سيھڙ پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي. هن گهر ڪئي ته پٽ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button