پاڪستانسنڌ

نفيس نگر جي ٻن يوسيز تي بيٺل اميدوارن پاران ورڪ شروع

نفيس نگر: نفيس نگر جي ٻن يوسيز تي بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. يوسي فضل ڀنڀرو ۽ فيض محمد بلالاڻي ۾ پ پ توڙي مخالف اميدوارن ورڪ شروع ڪري ڇڏيو. پ پ طرفان يوسي فيض محمد بلالاڻي تي چيئرميني لاءِ امير حسن ٽنگڙي، وائيس چيئرميني لا صدام گشڪوري ۽ ضلعي ميمبر لا علي حسن گرگيز کي نامزد ڪيو آهي. تحريڪ لبيڪ پاران نامزد ڪيل اميدوارن چيئرمين لا مولانا عبدالرسول ٽنگڙي، وائيس چيئرمين لا محمد وارث گرگيز ۽ ضلعي ميمبر لا محمد عظيم چانڊيو ووٽرن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اڪثر برادرين اندروني طور تحريڪ لبيڪ اميدوارن جي حمايت جو اشارو ڏنو آهي. يوسي فضل ڀنڀرو ۾ پ پ طرفان چيئرميني لاءِ عبدالواحد ڀنڀرو، وائيس چيئرميني لاءِ گرڌاري ميگهواڙ ۽ ضلعي ميمبر لا سومار خان چانڊيو کي نامزد ڪرڻ بعد سندن مقابلي لاءِ ارباب گروپ جا اميدوار علي شير نهڙيو، سونو ڪولهي، علي حيدر ڀٽي ۽ آزاد اميدوارن سوشل ورڪر ممتاز نهڙيو ۽ چنو ميگهواڙ پڻ ميدان تي لٿل آهن. ٻئي طرف تحريڪ لبيڪ جي اميدوار مولانا عبدالرسول ٽنگڙي چيو ته يوسي ۾ گذريل بلدياتي اليڪشن دوران بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ اميدوارن ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو، لکين رپيا هڙپ ڪيا ويا، ڪاميابي بعد پائي پائي جو حساب وٺنداسين. ڄاڻايل يوسي تي پ پ طرفان بيٺل اميدوار امير حسن ٽنگڙي چيو ته پ پ سدائين غريبن ۽ مزدورن جي خدمت ڪئي آهي، جيت اسان جي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button