پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پاڻي چوري رڪجي نه سگهي، آبادگارن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ جي حڪم تي گهرو کاتي طرفان پاڻي جي چوري روڪڻ لا واهن ۽ شاخن تي رينجرس مقرر ڪرڻ باوجود به پاڻي جي چوري رڪجي نه سگهي. ٻئي طرف پاڻي جي چوري خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي علي رضا راڄڙ ۽ شهزاد ڪنڀر الزام هڻندي چيو ته بااثر زميندار سبحان مهر، صدرو مڱريو ۽ ٻيا ڪوٽ واهه مان غيرقانوني واٽر ٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب پڇڙي جي سوين آبادگارن جي پوکائي نه ٿي سگهي، ان باوجود آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪا ڪارروائي نه ڪئي. زميندار سبحان مهر ۽ صدرو مڱريو سميت مختلف آبادگارن ڪوٽ واهه مان نڪرندڙ مختلف واٽر سرعام ٽوڙي پاڻي چوري ڪن پيا، بار بار ڇاپا لڳڻ ۽ آبپاشي عملي کي ڄاڻ ڏيڻ باوجود ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل بااثر آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button