پاڪستانسنڌ

چمبڙ جي شاخن تي رينجرز ۽ آبپاشي عملي جو گشت

چمبڙ: چمبڙ ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن جي سرفراز واهه چاڪر ڊسٽري ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن تي آبپاشي عملدار رينجرز جي جوانن سان گڏ نگراني ڪرڻ لا گشت ڪرڻ لڳا. ڪيترن ئي ٽٽل واٽر ڪورسن کي آبپاشي عملي رينجرز جي مدد سان سيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پاڻي واڌ اچڻ لڳي آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي عملدارن چيو ته اسان ڪنهن کي به غير قانوني پاڻي وھائڻ نه ڏينداسين، هر ڪنهن کي حصي مطابق پاڻي ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آھي ته جيڪي پڇڙي ۾ آبادگار آھن ۽ پاڻي ڦڙي لا ترسي رهيا آھن، انهن کي پاڻي پهچايو وڃي. ڪوبه آبادگار پاڻي چوري ڪندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button