پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ڪوڙا دستاويز جمع ڪرائڻ تي جوابدار ۽ وڪيل کي سزا

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ڪوڙا دستاويز جمع ڪرائڻ تي جوابدار ۽ سندس وڪيل کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. رپورٽ موجب سول جج فرحاز احمد ميمڻ جي عدالت جعلي دستاويز داخل ڪرڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ايوب راجپوت کي 2 سال قيد ۽ 15 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ته سندس وڪيل رانا عمران راجپوت کي هڪ سال قيد ۽ 5 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. واضع رهي ته جوابدار ۽ سندس وڪيل سينيئر سول جج جي عدالت ۾ هلندڙ ملڪيت جي ڪيس ۾ ڪوڙا دستاويز جمع ڪرايا هئا، جنهن تي سينيئر جج جي ريڊر جعلي دستاويز داخل ڪرائڻ جو ڪيس سول جج جي عدالت ۾ داخل ڪرايو، جنهن جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي فيصلي بعد پوليس عدالتي احاطي مان جوابدار ۽ سندس وڪيل کي گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button