پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ زميندار تي حملو، جوابدارن بدران سندس ڀا تي ڪيس

ڊگھڙي: ڊگهڙي ٿاڻي جي حد ٽنڊو جان محمد روڊ تي رات دير سان مقصود واٽر جي رهواسي زميندار عادل حسين جٽ کي سخت زخمي حالت ۾ وارث تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا. جتان کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. زخمي جي وارثن تعلقي اسپتال ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ هئڻ ڪري پوکيل فصل سڪي سڙي رهيا آهن، اڄ پاڻي جي واري تي پاڻي لپ لا مريد شاخ تي عادل حسين واٽر ڪورس تي چڪر ڏيڻ لا ويو ته شاخ تي بااثر زميندار ڪريم پنهور ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار لڳ ڀڳ پنج ساٿين سان گڏ لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري عادل حسين جٽ کي زخمي ڪيو. هنن چيو ته ڪريم پنهور بااثر هئڻ ڪري اسانجي واٽرڪورسن اڳيان ڪٽا رکي موڳا بند ڪري پاڻي پنهنجي واٽر ڪورس طرف کڻي وڃي پيو. وارثن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف آبپاشي کاتي ڊگهڙي جي عملدارن ڊگهڙي ٿاڻي تي پهچي داروغي غلام عباس شاھه زخمي زميندار جي ڀا عابد حسين ولد مقصود جٽ، سندس هاري سليم ڪنڀار ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو. فريادي ڄاڻايو ته جوابدار غيرقانوني طريقي سان مريد شاخ مان ٻه پائيپ لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا هئا، اسان کين منع ڪئي ته جوابدارن مان هڪ جي هٿ ۾ پسٽل ۽ ٻين جي هٿن ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون هيون، جيڪي قتل جون ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button