پاڪستانسنڌ

ايم پي اي باهه متاثر ڳوٺ پهتو، مالڪي ڪئي آهي: برهان چانڊيو

فريدآباد: پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو باهه متاثر ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي سڙي فوت ٿيلن جي وارثن اميد علي چانڊيو، امام الدين چانڊيو ۽ ٻين سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باھه واقعي ۾ جاني مالي نقصان ٿيو آهي، اسان پنهنجي برادري سان ڏک سک ۾ گڏ آھيون، اسان جي راڄ جا ماڻهو آهيو، اسان وقت تي باھه متاثرين جي مدد ڪئي ھئي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت باھه متاثرين جي وڏي مالڪي آهي، متاثرين جي لا گھر ٺھرائي ڏئي رهي آهي. جڏهن ته ايم پي اي برھان چانڊيو سان قربان چانڊيو، عنايت چانڊيو، نجم الدين چانڊيو ۽ ٻيا گڏ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button